فلوريڊا -04 سيپٽمبر (اي پي پي) ناسا جي اسپي?? ايڪس ڪريو-6 جا 4 خلاباز عالمي خلائي اسٽيشن تي ڇهه مهينا رهڻ بعد واپس زمين تي اچي ويا آهن. گذريل ڏينهن سپي?? ايڪس ڪريوڊريگن ڪيپسول تي سوار خلاباز فلوريڊا جي سامونڊي ڪناري ويجهو حف??ظت سان لٿا. ناسا ۽ سپي?? ايڪس جي گڏيل طور هلائيندڙ ڪريو-6 مشن جا 4 خلاباز زمين تي واپسي لاءِ آچر تي صبح جو خلائي اسٽيشن تان روانا ٿيا، عملي 13 فوٽ و??ڪر?? ڪريو ڊريگن گاڏي کي جيڪسن ويلي، فلوريڊا جي سامونڊي ڪناري کان پري پنهنجي هدف تي ڪاميابي سان لينڊ ڪ??و. ??ريو ڊريگن ڪيپسول 17000 ميل في ڪلاڪ (27000 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) کان وڌيڪ جي رفتار سان سفر ڪيو ۽ جيئن ئي ان جي سپليش ڊان جي لينڊنگ جو آخري مرحلو شروع ٿيو ته خلائي جهاز جو ٻاهريون حصو تقريبن 3500 ڊگري فارن هائيت (1900 ڊگري سيلسيس)تائين گرم ٿي ويو. خلائي جهاز جي ڪيبن اندر مسافرن کي هيٽ شيلڊ سان محفوظ ڪيو ويو هو ۽ اندروني گرمي پد 100 ڊگري فارن هائيٽ (37.8 ڊگري سيلسيس) کان گهٽ هو. واپس آيل خلابازن ۾ ناسا جو خلانورد اسٽيفن بوون ۽ وارن هوبرگ، گڏيل عرب امارتن جو سلطان النهادي ۽ روس جو خلاباز آندريو فدايوف شامل هئا. هي خلاباز هلندڙ سال مارچ ۾ خلائي اسٽيشن تي ويا هئا.
ناسا جي اسپيس ايڪس ڪريو-6 جا 4 خلاباز عالمي خلائي اسٽيشن تي ڇهه مهينا رهڻ بعد واپس زمين تي اچي ويا
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil