رياض-25 آگسٽ (اي پي پي)سعودي عرب ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪا?? جي قاتل کي ڏنل موت جي سزا تي عمل ڪندي ان جو سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب سعودي جي گهرو وزارت اوڀر گورنري ۾ سارجنٽ سليمان بن ابراهيم بن احمد السميري کي گولي هڻي قتل ڪرڻ ۾ ملوث جوابدا?? جي سزا تي عملدرآمد ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ جوابدار هڪ معصوم ڇوڪريءَ کي اغوا ڪري پنهنجي گهر رکيو هو، اطلاع ملڻ تي جڏهن پولي?? ڇاپو هنيو ته جوابدار فائرنگ ڪري هڪ پوليس اهلڪا?? کي شهيد ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو، بعد ۾ پوليس جوابدا?? کي گرفتار ڪري ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي. عدالت ان کي ڏوهي قرار ڏيندي موت جي سزا ٻڌائي هئي جنهن تي گذريل ڏينهن عمل ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha