نيويارڪ- 21 جون (اي پي پي) آم??يڪ?? پاران جاري ڪيل انساني حقن بابت سالياني رپور?? ۾ ??ارت ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ب??طا??وي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته رپور?? ۾ ??ارت ۾ مذهبي اقليتن، اختلاف ڪندڙ ماڻهن ۽ صحافين کي نشانو بڻائڻ جا واقعا شامل آهن، هي رپورٽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي ان بيان جي هڪ سال کانپوءِ سامهون آئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته آم??يڪ?? ڀارت ۾ ڪجهه سرڪاري عملدارن، پوليس ۽ جيلن جي نگرانن طرفا?? ڪيل انساني حقن جي خلاف ورزين تي نگاهه رکي آهي. واضح رهي ته ويجهي اقتصادي لاڳاپن ۽ خطي ۾ چين جي مقابلي لاءِ آم??يڪ?? لاءِ ڀارت جي اهميت ڪافي وڌيڪ آهي، ان لاءِ عام طور تي ڀارت تي آمريڪي تنقيد گهٽ ئي ٿيندي آهي. انڊيا ۾ انساني حقن جي اهم مسئلن ۾ حڪومت يا ان جي ڪارندن طرفان عدالت کان مٿانهين قتل جون تصديق ٿيل رپورٽون شامل آهن.رپورٽ ۾ شهرين تي تشدد، انهن سان غير انساني يا توهين آميز سلوڪ، پوليس ۽ جيل عملدارن طرفان سزا ڏيڻ، سياسي قيد بڻائڻ ۽ نظربندين سميت صحافين کي هروڀرو جي گرفتارين جو حوالو ڏنو ويو آهي. انساني حقن جون تنظيمون ڀارت وزيراعظم نريندر مودي جي ه??دو قوم پرست پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) تحت هاڻوڪن سالن ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ صورتحال تي تسلسل سان ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيون آهن.
ڀارت ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي آمريڪي رپورٽ جاري
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی