بيجنگ- 23 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته عالمي طور سائنسي ۽ فني چٽاڀيٽي کي منهن ڏيڻ ۽ اعليٰ سطح تي پاڻ ڀاڙڻ لاءِ بنيادي تحقيق کي م??بوط بڻائڻ هڪ اهم ڳالهه آهي. چيني ميڊيا موجب اها ڳالهه هن سي پي سي م??ڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪئي جنهن ”بنيادي تحقيق کي م??بوط بڻ??ئڻ??? جي خصوصي موضوع تي هڪ گروپ مطالعو ڪيو. هن چيو ته چين جي نئين ترقياتي ڍانچي ۾ پاڻ ڀاڙڻ تي ٻڌل سائنسي ۽ فني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ ان ۾ بنيادي تحقيق هڪ انتهائي اهم حصو آهي، چين بنيادي تحقيق لاءِ اداره جاتي گارنٽي، سيڙپڪاري ۽ باصلاحيت ماڻهن جي تربيت کي م??بوط بڻائيندو. صدر شي جن پنگ چيو ته گڏيل ترقياتي م??ڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ انسانيت کي عالمي تعاون ۽ کليل سهڪار جي پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي، چين هڪ عالمي بنيادي تحقيقي تعاون جو پليٽ فارم جوڙيندو، هڪ عالمي سائنسي تحقيقي فنڊ قائم ??ندو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو قومي منصوبو قائم ??ندو ۽ موسمياتي تبديلي، توانائي جي سلامتي، حياتياتي تحفظ ۽ آوٽرسپيس جي استعمال جهڙن عالمي م??ئلن تي چين ۽ ٻين ملڪن جي گڏيل سائنسي تحقيق کي سگهه ڏيندو.
چين بنيادي تحقيق جي ميدان ۾ نون قدمن لاءِ پرعزم، فني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : quina acumulada