راولپنڊي- 07 جنوري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سالياني ڪوسٽل ڪمانڊ ايفيشنسي پريڊ 2024ع ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق اها تقريب پاڪ بحريه جي ڪوسٽل ڪما??ڊ جي آپريشنل سال جي ڪامياب پڄاڻي جي نشاندهي ڪري ٿي. نيول چيف چيو ته سر ڪريڪ کان جيوني تائين پاڪستان جي سامونڊي علائقي جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي ڪوسٽل ڪما??ڊ جون ڪاوشون تعريف جوڳيون آهن. نيول چيف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ يونٽس کي اعزازي ??يل??ز سان نوازيو. تقريب ۾ پاڪ بحريه جي سينئر، حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ نيول آفيسرن سميت سول معززين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب