اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??يف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، عوا?? جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف پڪڙ مضبوط ڪئي ويندي، ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يف بي آر جي سينيئر آفيسر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??يف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين کربين رپين جي سيلز ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش جي وقت سر نشاندهي ڪندي ڪارروائي ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف اعجاز حسين جي فرض شناسي کي ساراهيندي سندس ايمانداري جي اعتراف ۾ ان جي لاءِ 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اعجاز حسين جي فرض شناسي تي کيس اعزازي شيلڊ پڻ ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ فرض شناس آفيسرن ۽ پنهنجي پيشي سان مخلص باصلاحيت ماڻهن جي کوٽ نه آهي، ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته اهڙن ايماندار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. وزيراعظم ??يف بي آر سڌارن جي مثبت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪن??ي چيو ته پاڪستان جي غريب ??وام جو ٽيڪس چوري ڪرڻ ۽ انهن جي مدد ڪندڙن جي نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏياري ويندي، غريب ??وا?? جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف قانون جي پڪڙ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. هن چيو ته اعجاز حسين ان احسن قدم سان ملڪ ۽ قو?? جي خدمت ڪئي آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??يف بي آر ٽيڪس فراڊ جي ان ڪڌي ڪوشش جي تفصليي جاچ کانپوءِ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي. هن ??يف بي آر ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث عنصرن ۽ انهن جي مدد ڪندڙن کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ بهترين قانوني ٽيم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سيلز ٽيڪس چوري جي لاءِ 80 سالن جي عورت جا دستاويز استعمال ڪيا ويا، 4 مارچ 2024ع تي ??يف بي آر جي سينيئر آفيسر اعجاز حسين ٽيڪس فراڊ جي ان ڪوشش جي نشاندهي ڪئي، سيلز ٽيڪس فراڊ جي ان ڪوشش ۾ شروعاتي طور تي 37 ڪروڙ منتقل به ٿيا جنهن جي ريڪوري جو عمل جاري آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ ملوث مرڪزي جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته تفصيلي جاچ کانپوءِ ٽيڪس فراڊ جي ڪوشش ۾ مبينا سهڪار ڪندڙ ??يف بي آر جي عملدارن جي نشاندهي ڪري انهن کي به سخت سزا ڏياري وڃي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون، ??يف بي آر جي سڌارن ۽ مڪمل ڊيجيٽائيزيشن سان مستقبل ۾ پڻ اهڙي قس?? جي ڪاررواين جي روڪٿام ٿي سگهندي.
ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، عوام جي ٽيڪس تي ڌاڙو هڻندڙن جي خلاف پڪڙ مضبوط ڪئي ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا