اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) توانائي (پاور ڊ??يزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان سان ايشيائي ??رقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين جي سربراهيءَ ۾ ايشيائي ??رقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائي ??ي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي توانائي ??ي شعبي ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ??سان پي پي ايم سي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪري رهيا آهيون جيڪا پاور ڊ??يزن کي پاليسي ??هن??ائي فراهم ڪندي، اي ڊي بي جي سهڪار سان صحيح ڪم ڪرڻ لاءِ صحيح ماڻهن جي مقرري ممڪن ٿي سگهندي. اويس لغاري چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کان اڳ ان کي بهتر پوزي??ن ۾ آڻڻ لاءِ اسان جي ترقياتي ڀائيوارن طرفان ان ۾ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين چيو ته ??ئنڪ جي سيڙپڪاريءَ جو وڏو حصو توانائي ??ي شعبي جي مختلف منصوبن خاص طور تي ٽرانسميشن انفراسٽرڪچر تي ٻڌل آهي. ايمافين چيو ته ??وانائي ??و شعبو پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مُک ڪردار ادا ڪري ٿو، اي ڊي بي پاڪستان ۾ نجي شعبي جي ترقي، موسمياتي تبديلي ۽ گورننس کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته ??ي ڊي بي پاڪستان جي توانائي ??ي شعبي جي پائيداري، جديديت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. پاور ڊ??يزن طرفان جاري پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۽ اي ڊي بي ماضيءَ وانگر مستقبل ۾ به گڏيل صلاح مشوري سان توانائيءَ جي شعبي جي ترقي ۽ ٻين اهم منصوبن تي سهڪار جاري رکندا.
توانائي واري وفاقي وزير سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي سربراهيءَ ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2