اسلام آباد-10 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو امڪاني ??ورو تمام گهڻو اهم آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ نون معاهدن ۽ منصوبن تي صحيحين جو امڪان آهي جيڪي سي پيڪ کي نئين ب??ندين تائين پهچائڻ لاءِ مددگا?? ثابت ٿيندا. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چين جي وزيراعظم جي امڪاني ??وري کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. ان اجلاس ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت جاري منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ استحڪام تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ سي پيڪ جي مختلف منصوبن جي رفتار ??و تفصيلي جائزو وروتو ويو جنهن ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي زونز جا ترقياتي ڪم شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته چين سان زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ته جئين ٻئي ملڪ گڏجي خطي ۾ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري سگهن. ??ن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن سان گڏوگڏ صنعتي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته ان فيز ۾ خاص اقتصادي زوز کي هٿي وٺرائڻ هڪ اهم هدف آهي جيڪو پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو.
چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو امڪاني دورو اهم آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ