اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن موجب ٽن ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي، نجي شعبي کي معيشت کي هلائڻ لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حڪومت نجي شعبي کي س??ولتن جي فراهمي لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هتي ڪي اليڪٽرڪ جي چيئرمين، بورڊ آف ڊائريڪٽرز مارڪ سڪيلٽن سان ملاقات ۾ ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي جي رهواسين کي سستي ۽ جٽادار توانائي جي فراهمي يقيني بنائڻ، ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڪراچي جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ڪمپني کي تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي جي منصوبن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبرن جاويد قريشي، مبشر ايڇ شيخ، مونس علوي، سي اي او عمران قريشي، چيف ريگيوليٽري افيئرز عامر غزيني، چيف فنانشل آفيسر ۽ ناڻي وزا??ت جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيم ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجي جنريشن مڪس ۾ تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن کي شامل ڪرڻ جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. ٽيم ناڻي واري وزير کي ڪراچي جي رهواسين کي بهتر خدمتن جي فراهمي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ طرفان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي بهتريءَ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن تي عملدرآمد جاري آهي، ان ۾ ڊسڪوز جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ، نجي شعبي مان پيشوراڻي مهارت وارن ماڻهن کي آڻڻ، بورڊز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ مجموعي خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ سرڪاري نامزدگين جي انگ کي گهٽ ڪرڻ شامل آهي. انهن سمورن سرڪاري ڊسڪوز ۽ ج??نڪ??ز ۾ نجي شعبي جي شرڪت يقيني بنائڻ لاءِ حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق 3 ڊسڪوز جي نجڪاري جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته نجي شعبي کي فعال بنائڻ ۽ انهن کي س??ولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ناڻي واري وزير ڪي اليڪٽرڪ طرفان توانائي جي پيداوار ۽ ڊسٽري بيوشن جي ڪمن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۽ توسيع وارن قدمن کي ساراهيو. هن تجديد جوڳي توانائي جي ذريعن طرف منتقلي ۽ سستي توانائي جي پيداوار لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت طرفان مڪمل تعاون جي خاطري به ڪرائي.
بجلي ۽ توانائي جي شعبي جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ پُرعزم آهيون: سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام