اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بئر??سٽ?? عقيل ملڪ چ??و آهي ته عالمي ميڊيا پي ٽي آءِ جي باني کي ”ڊس گريس پرائيم منسٽر“ جو لقب ڏئي ڇڏ??و آهي، پي ٽي آءِ جي باني جي حقيقت دنيا آڏو ظاهر ٿي وئي آه??، عمران خان حڪومت نه پر پنهنجي حرڪت سبب جيل ۾ آه??. ڪالهه هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بئر??سٽ?? عقيل ملڪ چيو ته هلندڙ سال جنوريءَ کان آگسٽ تائين پي ٽي آءِ جي بانيءَ جا 132 رياست مخالف مضمون شايع ٿيا آه??، بي بي سي 14، نيويارڪ ٽائمز 13 آرٽيڪلز لکيا، گارڊين 10 آرٽيڪل لکيا، الجزيره 8، واشنگٽن پوسٽ، بلوم برگ پوسٽ ۽ فنانشل ٽائمز 6-6 آرٽيڪلز لکيا ۽ سمورا آپريشن گولڊ اسمٿ تحت ڪيا ويا، جنهن ۾ هڪ رٿابنديءَ ذريعي پي ٽي آءِ جي باني کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستان خلاف هڪ ناڪاري پروپيگنڊا ڪرڻ جي حوالي سان عالمي رسالن کي جهڙيءَ طرح استعمال ڪيو ويو، جهڙيءَ طرح انهن ۾ من پسند بيانيو بڻايو ويو اهو سڀ قوم آڏو اچي چڪو آه??. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني پنهنجي حرڪتن سبب جيل ۾ بند آه??، هو نه حڪومت جي خواهش تي نه ڪنهن شخص جي خواهش تي جيل ۾ آه??، هو گهڙي چور، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ سبب جيل ۾ آه??. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي هاڻوڪي لهر ڪنهن جو ڏنل تحفو آه?? سڀ ڄاڻن ٿا ته اهو اوهان جو ڏنل تحفو آه??. پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ جهڙيءَ طرح اوهان طالبان دهشتگردن کي ٻيهر وسايو ۽ جيلن ما?? انهن کي آزاد ڪيو، اڄ پاڪستاني قوم ان جو ڪيتو ڀوڳي رهي آه??.
عالمي ميڊيا پي ٽي آءِ جي باني کي ”ڊس گريس پرائيم منسٽر“ جو لقب ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جو باني پنهنجي حرڪتن سبب قيد آهي: بئريسٽر عقيل ملڪ
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena