راولپنڊي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ گڏيل عرب امارات جو هي پهريون دورو آهي. ابوظهبي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي. ملاقات ۾ گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي سان تعلق رکندڙ پاڪستاني ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ??لاقات ڪندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي اعليٰ ??ڪو??تي عهديدارن ۽ اماراتي ڪاروباري شخصيتن سان ??ڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موجود پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. وزيراعظم جُون اعليٰ اماراتي قيادت ۽ ڪاروباري برادري سان ??لاقاتون ??ڪو??ت جي سفارتي ڪاميابين ۽ دوست ملڪن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وڌندڙ رجحان جي عڪاسي ڪن ٿ??ون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش