اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب جي شهر جده ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پر??يه?? وزيرن واري ڪائونسل جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هو گهير هيٺ غزه جي پٽيءَ ۽ پوري والاريل فلس??ين?? علائقي ۾ شهرين جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي شديد مذمت جي حمايت ڪري ٿو. پر??يه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته او آءِ سي پر??يه?? وزيرن واري ڪائونسل قابض طاقت کي غزه ۾ شهرين جي جاري نسل ڪشيءَ جو مڪمل طور تي ذميوار قرار ڏنو آهي. ترجمان چيو ته اسان فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ اسرائيلي جارحيت جي خاتمي سان گڏوگڏ بنا روڪ ٽوڪ ۽ مناسب انساني ۽ طبي امداد ۽ ريليف کانسواءِ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي ۽ انساني همدرديءَ جي لنگهن کي کولڻ جي مطالبي ۾ شامل آهن ته جيئن فوري امداد جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته هاڻي جڏهن ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو ويجهو اچي رهيو آهي، اسان فلسطين جي ماڻهن کي فوري ريليف ڏيڻ ۽ فلس??ين??ن کي مسجد اقصيٰ ۾ نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ غيرمحدود پهچ جو مطالبو ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس جي آجيان
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر