اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته سمورن ميمبرن کي پارليامينٽ جي وقار کي نظر ۾ ر??ڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانشگاهه آهي ۽ ان جي عزت ۽ وقا?? اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. پارليامينٽ جو احترام اسان سڀني تي لازمي آهي. اسپيڪر چيو ته هائوس اندر جوتا ڏيکارڻ ۽ اڻوڻندڙ نع??يبازي پارلياماني روايتن ۽ رولز جي خلاف آهي. هن چيو ته پارلياماني اڳواڻن کي پنهنجي ميمبرن کي ان رويي کان روڪڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن