اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سمورن لاڳاپيل ا??ار?? کي آباد??ار?? کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آباد??ار?? جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، صوبا??ي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ جي صدارت ۾ ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمت تي هنگامي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ، ڊاڪٽر ڪوثر عبدالمالڪ، محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عمل??ار?? ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي تازي پيداوار، طلب ۽ آباد??ار?? کي فراهمي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ يوريا جي پيداوار ۽ اسٽاڪ ڪڻڪ جي تازي فصل جي لاءِ ڪافي آهي جڏهن ته بفر اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي جنهن جي پهرين کيپ ايندڙ هفتي تائين پاڪستان پهچي ويندي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ضلعي انتظاميا پاران آباد??ار?? کي حڪومتي رعايتي اگهن تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته صوبن پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمورن صوبن جي ڪابينا ۾ سموريون جلد منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته آباد??ار?? کي يوريا ڀاڻ جي حڪومتي رعايتي اگهن تي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي ذخيره اندوزن جي خلاف فوري ڪارروائي ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا يقيني بڻائي، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آباد??ار?? جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته يوريا ڀاڻ تي حڪومتي سبسڊي آباد??ار?? جيڪي ان جا صحيح مستحق آهن، انهن تائين پهچائي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ترجيحي بنيادن تي يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي فوري طور تي پيش ڪئي وڃي، صنعت واري وزارت ۽ غذائي تحفظ واري وزارت صوبائي حڪومتن کي يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ڀاڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت يقيني بڻائي، صوبا??ي سرحدن تي ڀاڻ جي چرپر جي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ڀاڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. هن هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ڀاڻ جي آباد??ار?? کي حڪومتي رعايتي اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته يوريا ڀاڻ تي سبسڊي جو بار سمورا صوبا پنهنجي پنهنجي کپت جي تناسب سان کڻن، فصل جي پوکائي دوران يوريا ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبن ۽ لاڳاپيل صنعت سان مشاورت سان هڪ ٺوس فريم ورڪ جوڙي پيش ڪيو وڃي.
نگران وزيراعظم پاران سمورن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت، ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو: انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار