اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??لس??ين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪري پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران اسرائيل پاران 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ??لس??ين جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي دلي همدرديءَ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته غزه جي صورتحال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، ??ور?? پاڪستاني قومي اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي ڏاڍ ۽ دهشتگردي تي ڏکويل آهي. صدر اسرائيل پاران شديد بمباري ۽ اسڪولن ۽ اسپتالن کي به نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته وحشياڻي قدمن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن، صحت جي شعبي، صحافين ۽ گڏيل قومن جي ا??دادي ڪارڪنن سميت هزارين ??لس??يني مارجي ويا. هن چيو ته غزه جي موجوده صورتحال اسرائيل جي ڏهاڪن کان نسلي فر?? ۽ ??يرمنصفاڻي پاليسين جو ردعمل آهي. صدر مسلمانن جي نسل ڪشي ۽ انهن کي پنهنجي علائقن مان بيدخل ڪرڻ تي اسرائيل جي مذمت ڪئي. هن عزه جي عوام جي خلاف اسرائيل جي قاتلاڻي مهم روڪڻ جي ل??ءِ عالمي برادري پاران عدم ڪارروائي تي ا??سوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ??لس??ين مسئلي جي حل ل??ءِ ??لس??ين جي حمايت جاري رکندو. صدر چيو ته عالمي برادري فوري جنگبندي ۽ غزه تائين انساني همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جي ل??ءِ قدم کڻي ۽ ??لس??ينين جي پنهنجي وطن مان وڌيڪ بيدخلي روڪڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ??لس??ين مسئلي جي مستقل حل جي ل??ءِ ڪوششون ڪري. ??لس??يني صدر محمود عباس چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن اسرائيل کي ??لس??يني سرزمين تي ويڙهه کي روڪڻ سان گڏوگڏ انساني ا??داد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ غزه جي ل??ءِ لنگهه کولڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه جي ماڻهن جي ل??ءِ خوراڪ، دوائون ۽ بجلي دستياب نه آهي. ان موقعي تي ??لس??يني صدر محمود عباس ??لس??ين جي حمايت ۽ انساني ا??داد موڪلڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران فلسطين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون، اسرائيل پاران فلسطين جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ