اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته سوئيڊن ۾ هڪ بد??خت جي هٿان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي تي اڄ جمعي نماز کانپوءِ سڀ پاڪستاني پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ??ه قرآن مجيد جي حرمت جي معاملي تي سڄي قوم هڪ آهي. سوئيڊن واري واقعي تي سڄي مسلمان امت چڙ ۾ ورتل آهي. هڪ بد??خت جي هٿان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ڏکوئيندڙ واقعي تي پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ قرآن تقدس ڏهاڙي جي عنوان سان اڄ اسان سڀ هڪ آواز بڻجي ملڪ گير احتجاج ڪنداسين ۽ جمعي نماز کانپوءِ پاڪستاني قوم مسلمانن جا سمورا طبقا ناموس قرآن جو جهنڊو کڻي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. وزيراعظم چيو ??ه قرآن اسان جي دل ۾ آهي، قرآن اسان جي لاءِ جيئڻ ??و ذريع?? آهي.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ