اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جي پ??وگرام تحت وڌيڪ 200 پاڪستانين جو قافلو حفاظت س??ن سوڊان پورٽ تي پهچي وي?? آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ ترجمان چيو ته سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جو منصوبو جاري آهي، ??ن سلسلي ۾ سوڊان ۾ پاڪستاني سفارتخانو پورٽ سوڊان ۾ پهچندڙ 200 پاڪستانين جي رهائش ۽ سوڊان مان انهن جي حتمي وطن واپسي جا انتظام ڪيا آهن. ان کان اڳ سوڊان پورٽ مان 37 پاڪستاني شهرين کي سامونڊي جهاز ذريعي جده پهچايو وي?? هو. جده ۾ قونصل جنرل خالد مجيد پاڪستانين شهرين جو ا??تق??ال ڪيو ۽ چيو ته اس??ن سوڊان مان پاڪستاني شهرين کي ڪڍڻ جي سلسلي ۾ سعودي عرب جي تعاون ۽ مهمان نوازي تي ٿورائتا آهيون.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II