اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي خصوصي اجلاس ۾ هڪ قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن ۾ گ??ري?? 50 سالن دورا?? آئين جي بالادستي ک?? يقيني بڻائڻ لاءِ محنت، عزم ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سينيٽ جي ملازمن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ساراهيو ويو آهي. سينيٽ جي 50 هين سالگرهه جي مناسبت سان يادگاري اجلاس ۾ سين??ٽر سليم مانڊوي والا سميت ٻين سينيٽرن طرفان هڪ قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان گ??ري?? 50 سالن جي دورا?? آئين جي بالادستي ک?? يقيني بڻائڻ ۽ وفاقي ٿنڀن جي نمائنده ايوان ۾ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ملازمن جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو ۽ انهن کي ساراهي ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ اعتراف ڪيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان جي بنيادن جي مضبوطي ۾ سيڪريٽريٽ ملازمن جو اهم حصو ۽ ڪردار آهي انهن جي محنت، عزم ۽ قابل قدر مدد سان ايوان جي ڪميٽين ۽ ميمبرن کي پنهنجي فرضن جي بهترين انداز ۾ ادائيگي ۾ مدد ملي آهي.
سينيٽ جو خصوصي اجلاس، سينيٽ جي ملازمن جي خدمتن جي اعتراف تي ٻڌل قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر