اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جمعي ڏينهن پشاور ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدار?? ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خوفناڪ واقعي جي سببن تي غور ڪيو ويندو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. اجلاس ۾ وفاقي وزير، چئني صوبن، گلگت بلتستان جا وڏا وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، سيڪيورٽي فورسز، پوليس جا عملدار ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر شرڪ?? ڪندا.
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável