ڪراچي / اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پ?? پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو، ان جو نظريو، جدوجهد ۽ قرباني لازوال آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل پيغام موجب قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 95 هين ولادت جي ڏهاڙي تي پ??هنجي پ??غام ۾ هن چ??و ته ڀٽو هڪ نظريو آهي، جنهن کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪندڙ تاريخ ۾ بي نام ۽ نشان خاڪ بڻجي ويا، جڏهن ته ڀٽو جو نالو اڄ به پاڪستان جي گهٽين چوڪن سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ گونجي ٿو. چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري چ??و ته قائداعظم محمد علي جناح کانپوءِ قائد عوام قوم جو مقبول ترين ليڊر هو، جنهن پنهنجي خلوص، تدبر ۽ م??نت جي ذريعي ملڪ کي سياسي، معاشي ۽ معاشرتي لحاظ سان اڳتي وڌايو. هن چ??و ته شهيد ڀٽو عوام کي سياسي شعور ڏنو ۽ بااختيار بڻايو، ملڪ کي پ??ريون متفقه آئين ۽ ائٽمي پروگرام ڏنو، پاڪستان کي اسلامي دنيا جو مرڪز بڻايو ۽ پاڪ – چين لاڳاپن جو بنياد رکيو. هن چ??و ته پاڪ – چين لاڳاپن کي هڪ اڻٽٽ دوستي ۾ تبديل ڪرڻ به چيئرمين ??والفقار علي ڀٽو جي سُڃاڻپ آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چ??و ته قائد عوام بطور ملڪ جي پ??رين چونڊيل وزيراعظم پاڪستان ۾ مزدورن کي ٽريڊ يونينز جوڙڻ جو حق ڏنو ۽ مزدور دشمن پاليسين ??و خاتمو ڪيو. زرعي سڌارا ڪري بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون ۽ غريبن کي گهرن جو مالڪ بڻايو. چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري چ??و ته قائد عوام جي نظريي کي فروغ ۽ ان جي مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي حياتي تائين ??ي پرواهه نه ڪئي. هن ان عزم کي ورجا??و ته هو پنهنجي پارٽي جي باني چيئرمين ??هيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظريي ۽ مشن جي روشني ۾ 1973ع جي آئين ??ي حفاظت، جمهوريت ک?? مضبوط، رواداري ۽ برابري کي فروغ ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو رول ماڊل ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي جدوجهد کي منزل تي پ??چائي ئي سک جو ساهه کڻندو.
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي طاقت جي علامت هو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : números dupla sena