اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص آهي جيڪو اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ معاشري ۾ نفرت جو زهر ڀري رهيو آهي، عمران خ??ن جي ڪوڙ ۽ دوکيبازي تي ٻڌل پاليسين ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي عالمي اڳواڻن جا عمران خان بابت خيال ٻڌي حيران رهجي ويس، هن دوست ملڪن سان لاڳاپن کي بنا سبب جي نقصان پهچايو، نومبر ۾ چين جو دورو ڪندس. برطانوي اخبار دي گارڊين کي انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان پنهنجي ذاتي ايجنڊا جي لاءِ ڪرپشن جي خاتمي کي پنهنجو منشور بڻائي پيش ڪيو پر هو پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ناتجربيڪار، خود پسند، انا پرست ۽ ڪمزور سياستدان ثابت ٿيو. هن چيو ته ليڪ ٿيندڙ آڊيوز مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائينڊڙ شخص آهي ۽ اها ڳالهه آئون خوشي سان نه چئي رهيو آهيان پر اهو اس??ن جي لاءِ شرمندگي ۽ ڳڻتي جو سبب آهي ڇو ته عمران خ??ن جي ذاتي ايجنڊا ۽ مقصدن جي لاءِ ڳالهائي ويندڙ ڪوڙن سان اس??ن جي ملڪ جي تشخص کي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم چيو ته عمران خان کي پنهنجي سمورن سوچيل سمجهيل ڏوهاري قدمن جي لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته هو ان کان اڳ ڪڏهن ملڪ جي مستقبل جي حوالي سان پريشان نه هو، عمران خان معاشري ۾ ايتري نفرت ۽ زهر ڀري ڇڏيو آهي جيڪو ان کان اڳ ڪڏهن به نه هو، هو حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ٿو ۽ معاشري ۾ نفرت پکيڙي ٿو. وزيراعظم پاڪست??ن جي ٻين ملڪن سان لاڳاپا ٻيهر قائم ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ان وقت حيران رهجي ويو جڏهن ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ان سان ملاقات دوران عمران خ??ن جي رويي جو ذڪر ڪيو، ڪجهه اڳواڻن مون کي عمران خ??ن جي شخصيت جي حوالي سان ذاتي طور تي آگاهه ڪيو ته هو (عمران خان) اڻوڻندڙ رويو رکندڙ، ڪوڙو ۽ خودپسند هو. شهباز شريف چيو ته عمران خان آمريڪا سان پاڪست??ن جي لاڳاپن کي بنا ڪنهن سبب نقصان پهچايو. هن واضح ڪيو ته هو پاڪست??ن جي چين سان ويجهي لاڳاپن کي ٻيهر بهتر بڻائيندو جن کي عمران خان پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي مبينا طور تي روڪڻ جي ڪري نقصان پهتو. وزيراعظم ان منصوبي کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هو نومبر ۾ چين، جيڪو پاڪست??ن جو سڀ کان وڌيڪ آزمايل دوست آهي، جو دورو ڪندو. هن چيو ته سي پيڪ نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي بهتري لاءِ هڪ سٺو منصوبو آهي. وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان حڪومتي معاملن ۾ مشاورت جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته نواز شريف ??ن جو ليڊر ۽ وڏو ڀاءُ آهي ۽ هو ان سان مشورو ڪندو آهي پر هن مون کي فيصلا ڪرڻ جي لاءِ مڪمل اختيار ڏنو آهي. خانداني سياست جي حوالي سان عمران خ??ن جي تنقيد رد ڪندي هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هي خانداني سياست جو معاملو نه آهي پر اها اهليت، عوامي حمايت ۽ عوام جو اعتماد کٽڻ جي ڳالهه آهي.
عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص آهي جيڪو اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ معاشري ۾ نفرت جو زهر ڀري رهيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria