نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي چوٿين ڏينهن اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر?? پهچندو ۽ يو اين جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم پنه??جي هالينڊ جي هم منصب مارڪ رٽي سان ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن تي ڳالهيُون ڪندو. منجهند جو وزيراعظم سان ملالا فنڊ جي شريڪ باني ملالا يوسفزئي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي سان زوم ملاقات ۾ به شريڪ ٿيندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا ۾ پنه??جي پنجن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ ک??نپ??ءِ لنڊن روانو ٿي ويندو.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل