اسلام آباد – 06 ̵1; ج??لاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردار?? کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سفارتي لاڳاپن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو. هن چيو ته اعليٰ سطح جي دورن جي لاڳيتي مٽاسٽا جا منتظر آهيون. هن پاڪستاني شهرين جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي خصوصي نم??ئن??ي دلاور سيد جي پاڪستان جي جاري دور?? کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ توانائي، صحت، سلامتي ۽ اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون کي ورجايو. هن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طالبان حڪومت سان مسلسل رابطي جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن جي ٽيليفون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی