اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) پاڪست??ن ۾ 30 لک افغان پناهگيرن کانپوءِ روهنگيا واسين جو انگ به 4 لک تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته عالمي ??رادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هن وقت به 30 لک کان وڌيڪ افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پاڪست??ن ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ بي??ن ۾ عالمي ??رادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ ساٿ ڏين، بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پناهگيرن جي عالمي ڏينهن جي ياد ۾ عالمي ??رادري سان گڏ آهي، ان ڏينهن کي ملهائيندي اسان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جبري لڏپلاڻ جي محرڪن تي غور ڪريون ۽ تڪرارن جي روڪٿام ۽ انهن جي حل سميت پناهگيرن جي هالتن لاءِ پائيدار حل ڳولڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڏينهن عالمي ??ار ۽ ذميداري جي سهڪار ??ي اصول تحت پناهگيرن جي تحفظ لاءِ اسان ??ي اجتماعي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو به موقعو آهي، بيان موجب پاڪستان چئن ڏها??ن کان وڌيڪ عرصي کان دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ ڊگهي ترين پناهگيرن جي حالتن ۾ هڪ جي ذميداري پنهنجي ڪلهن تي کنئي آهي، پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پاڪست??ن ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي، بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته جيئن جيئن سڄي دنيا ۾ نيو?? حالتون اڀري رهيون آهن عالمي ??رادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، ڪووڊ سان جڙيل سماجي، اقتصادي ۽ صحت جي چئلينجن جي ڏس ۾ نئين عالمي ??زم جي ضرورت آهي، افغان پناهگيرن لاءِ باقاعده، متوقع ۽ مناسب مالي امداد جي ذريعي انهن جي محفوظ ۽ باوقار واپسي جي ضرورت آهي، پرڏيهي آفيس پنهنجي بي??ن ۾ چيو ته افغان ??ي استحڪام ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري قدم کڻڻ اهم آهي ته جيئن مستقبل ۾ پناهگيرن جي ملڪ مان نڪرڻ ??ي امڪانن کي روڪي سگهجي، پاڪستان ان ڏينهن جي مناسبت سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر کي سڄي دنيا ۾ پناهگيرن ۽ ميزبان برادري جي حمايت جي واکاڻ جوڳي ڪم تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان يو اين ايڇ سي آر سان پنهنجي قابل قدر سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو منتظر آهي، اسان عالمي ??رادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن لاءِ پائيدار هل لاءِ ان جي ڪوششن ۾ تنظيم جو ساٿ ڏي.
پاڪستان ۾ 30 لک افغان پناهگيرن کانپوءِ روهنگيا واسين جو انگ به 4 لک تائين پهچي ويو، عالمي برادري کي افغان پناهگيرن جي پراڻي صورتحال کي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هن وقت به 30 لک کان وڌيڪ افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي: پرڏيهي کاتو
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس