اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان برطانيا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، پاڪس??ان جي عوام برطانوي شآاهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جوڳي آهي، برطانيا سان دوستي تي پاڪس??ان کي فخر آهي، پاڪس??ان جي عوام برطانوي شآهي خاندان سان خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، جڏهن به برطانوي شاهي خاندان جي ماڻهن پاڪس??ان جو دورو ڪيو ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته برطانيا سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پنجاب ۾ خادم پنجاب طور ڪم ڪندي برطانيا اسان جي حڪومت سان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ پرائمري تعليم، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ پنجاب اسڪلز ڊيولپمينٽ ڪمپني جي ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سيڙڪاري جي حوالي سان برطانيا اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي برطانوي حڪومت جا ٿور?? مڃيا. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ برطانيا ۾ ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن سان گذريل هفتي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن واپار جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان سلسلي ۾ برطانيا جو هڪ وفد جلد پاڪس??ان جو دورو ڪندو، وزيراعظم چيو ته هو ملڪه برطانيا جي ڊگهي زندگي ۽ صحت ۽ سلامتي جي لاءِ دعاڳو آهي، ملڪه برطانيا نه رڳو برطانيا پر پوري دولت م??تر??ه جي لاءِ اتحاد، اميد ۽ تسلسل جي علامت آهي. تقريب کي پاڪس??ان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيو.
پاڪستان برطانيا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil