اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شرپسند عنصر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جون قربانيون ??ائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٻارن جي شهادت تي پونئيرن سان تعز??ت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل