اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي وفاقي ڪابينا پاران قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليل سفارتي خط سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلندي چيو آه?? ته سفارتي خط پا??ستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي، گذريل ڏينهن پنهنجي رولنگ ۾ مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري جي صدارت ۾ ٿيو، آغاز ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب پا??ستان جي وزيراعظم عمران خان جي خلاف ووٽنگ ٿي چڪي آهي، منهنجي رولنگ تي ڪافي بحث ٿي چڪو آهي، مون جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هڪ محب وطن پا??ستان جي حيثيت ?? قومي اسيمبلي جي محافظ طور ڪيو، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خط کي بحث هيٺ آندو وي?? ۽ ??يصلو ڪيو ويو ته هي خط پا??ستان جي خلاف سازش آهي، هن چيو ته اهو خط اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي ڏنو ويو هو هاڻي اهو خط منهنجي هٿ ۾ آهي، ان ۾ صاف لکيو ويو آه?? ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿ?? ته پا??ستان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪڏهن ڪامياب ٿي وئ?? ته پا??ستان کي معاف ڪيو ويندو، هن چيو ته موُن قائداعظم ۽ علامه اقبال جي خواب موجب خودمختيار پا??ستان جي ڳالهه ڪري ڏوهه ناهي ڪيو، مون جيڪو ڪجهه چيو پنهنجي حلف جي پاسداري ۽ ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ چيو آهي، هن اڳوڻي ڪابينا پاران اڳوڻي سفير کي موڪليل خط سيل بند لفافي ۾ سپريم ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
سفارتي خط پاڪستان جي خلاف ٻاهرين سازش آهي: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada