اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف نيويارڪ جي صدر امجد نواز جي قيادت ۾ وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اوورسيز ڪنوينشن سميت ٻين اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. ان موقعي تي و??اقي وزير اوورسيز ڪنوينشن ۾ تحريڪ انصاف نيويارڪ جي و??د جي شرڪت تي خصوصي ٿورو ادا ڪيو، وفاقي وزير چيو ته حڪومت پرڏيهي پاڪستانين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اوورسيز پاڪستانين کي و??ٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آواز بل??د ڪيو ۽ انهن کي اهو حق ڏنو. تحريڪ انصاف جي صدر امجد نواز ملاقات دوران چيو ته اوورسيز پاڪستانيز پي ٽي آءِ جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، ملڪي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اوورسيز پاڪست??ني ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانيز ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا ساٿي بڻجندا. هن چيو ته انشاءُ الله مخالف ڌر پنهنجي ارادن ۾ ناڪام ٿيندي ۽ عمران خان هڪ دفعو ٻيهر سرخرو ٿيندو.
چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف نيويارڪ جي صدر امجد نواز جي قيادت ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : números quina hoje