اسلام آبا?? – 21 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) 22 آگسٽ (اڄ) آچر ڏينهن سعودي عرب جي شهر جده ۾ او آءِ سي جو غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب ڪيو آهي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ند??. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل يوسف بن احمد العثيمين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي ٻڌايو ت?? افغانستان ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ جي لاءِ سفيرن ۽ مستقل نمائندن جو اجلاس ٿ??ند??. پرڏيهي آفيس هڪ بيان ۾ چيو ت?? پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ت?? پاڪستان افغانستان ۾ پائ??دا?? امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ پنهنجو تعميري ڪ??دار ادا ڪندو رهندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ت?? افغان پارٽيون هڪ ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪنديون. هن وڌيڪ چيو ت?? ڪابل ۾ ڳالهين جي ڪ??ميابي سان نه رڳو افغانستان پر خطي کي به فائدو ٿ??ند??. پرڏيهي وزير افغان عوام جي حقن ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ت?? عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته اها افغانستان سان مصروف رهي جنهن ۾ ملڪي معيشت، نئين سر تعمير، بحالي ۽ انساني ضرورتن کي سپورٽ ڪرڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ت?? مسلمان امت جي لاءِ پرامن، متحد، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي ڳولا ۾ افغان عوام سان پنهنجي روايتي يڪجهتي ظاهر ڪرڻ به ضروري آهي. هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي اهميت تي ڳالهائ??ند?? پرڏيهي وزير افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر حالتون خراب ڪندڙن بابت خبردار ڪيو جيڪي ملڪ جي صورتحال جو فائدو کڻڻ چاهين ٿا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افعانستان مان سفارتي مشنز، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نڪرڻ ۽ چرپر ۾ پاڪستان جي ڪ??دار کي اجاگر ڪيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ت?? ڪابل ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿ??ند??ون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٺوس ۽ حص??دا?? حڪومت ٺهندي جيڪا افغانستان ۾ پائ??دا?? امن، ترقي ۽ خوشحالي آڻ??ند??.
او آءِ سي جو غيرمعمولي ايگزيڪيوٽو اجلاس طلب
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania