جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ان جي ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ موجود هئا، منهنجي سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان پڻ ويهڪ ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ٿيون جنهن سان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي. سعودي عرب پاڪستان کي سعودي ڊيولپمينٽ ??نڊ مان 500 ملين ڊا??ر جي رقم فراهم ڪندو. سعودي عرب کي ايندڙ 10 سالن دوران 10 ملين افرادي قوت گهربل هوند??، ان گهربل ورڪ فورس جو وڌيڪ حصو پاڪستان مان کنيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزير جده ۾ وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان خصوصي ميڊيا ٽاڪ دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات