اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ت?? ڌرڻن ۽ مظاهرن کي منهن ??يڻ جو ??و مستقل حل ڳولينداسين ۽ ان کي روڪينداسين، گذريل ڪيترن ئي سالن کان جاري انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومت بلڪل صحيح رخ ۾ گامزن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انتهاپسندي رڳو پاڪستان جو مسئلو نه آهي پر سڄي دنيا جي ملڪن جو پنهنجي مقامي معاملن جي حوالي سان هڪ مسئلو آهي، ڀارت، جرمني، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ به انتهاپسندي جا مسئلا موجود آهن جن جو هرمل?? پنهنجي پنهن??ي طريقي سان مقابلو ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری