اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اي گورنمينٽ ۽ اي آفيس جي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم آفيس ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين عملدرآمد يقيني بڻائيندو ۽ سم??ريون وزارتون ان جي تقليد ڪنديون، ڊاڪٽر عشرت حسين کي سم??رين وزاتن ۽ کاتن ۾ پيپرليس نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ مقرر ٽائيم فريم جي اندر عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم جي آفيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي حوالي سان بريفنگ ڏ??ي وئي، اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير خالد مقبول صديقي، قانون واري وزير فروغ نس??م، ميري ٽائيم افيئر واري وزير سيد علي حيدر، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري س??ڪريٽري معروف افضل، نجڪاري جي س??ڪريٽري رضوان ملڪ ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
اي گورنمينٽ ۽ اي آفيس تي پهرين وزيراعظم آفيس ۾عملدرآمد ڪيو ويندو: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر