اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا مان قومي اسيمبلي ميمبر اسد قيصر کي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر نا??زد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته چوڌري محمد سرور جي پنجاب جي گورنر جي عهدي لاءِ نامزدگي ڪئي وئي آهي، ان ڳالهه جو فيصلو جمعي ڏينهن هتي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيو ويو. مرڪز ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهڻ جي معاملي تي منعقد اجلاس ۾ شاهه محمود ??ريشي، جهانگير ترين، پرويزخٽڪ، نعيم الحق، شفقت محمود ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود ??ريشي اجلاس کانپوءِ بني گالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عمران خان جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ٿيا آهن، هن چيو ته اسد قيصر کي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر نا??زد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania