روم -14 جون (اي پي پي ) ترقي يافته معيشتن تي ٻڌل گروپ جي سيون ??وس?? فوج سا?? وڙهڻ ۾ مدد لاءِ يوڪرين کي 50 ارب ڊالرن جي وڏي رقم فراهم ڪرڻ جي مقصد سا?? منجمند ??وس?? اثاثا استعمال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. بي بي سي موجب اٽلي جي ڏاکڻي شهر پگليا ۾ جي سيون سربراهي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو ته اهو قدم روس لاءِ هڪ يادگيري آهي ته اسان روس کان جنگ کٽڻ تائين يوڪرين جي حمايت کان پوئتي نه هٽي رهيا آهيون ۽ نه ئي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن اسان کي ڌار ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب اها رقم هلندڙ سا?? جي آخر تائين به يوڪرين کي ملڻ جي اميد ناهي پر ان کي يوڪرين جي جنگي ڪوششن ۽ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ هڪ ڊگهي مدي واري حل طور ڏٺو پيو وڃي. اٽلي ۾ جي سيون سربراهي اجلاس جي موقعي تي يوڪري جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن يوڪرين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 10 سا??ن جي سيڪيورٽي معاهدي تي صحيحون به ڪيون . 2022 ۾ روس جو يوڪرين تي حملي کان پوءِ يورپي يونين سا?? سهڪار سا?? جي سيون طرفان روس جي تقريبن 325 بلين ڊ??لر جي اثاثن کي منجمند ڪيو ويو هو . روس جي مرڪزي بينڪ جي مجنمند اثاثن م??ن وڌيڪ اثاثا بيلجيئم ۾ رکيا ويا آهن، انهن اثاثن تي سا??يانو اٽڪل ٽي بلين ڊ??لر وياج حاصل ٿي رهيو آهي . جي سيون جي منصوبي موجب اهي ٽي بلين ڊ??لر يوڪرين جي لاءِ 50 بلين ڊ??لر جي قرض تي سا??يانو وياج جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪيا ويندا پر عالمي قانون تحت ملڪ روس مان انهن اثاثن کي ضبط ڪري يوڪرين کي نٿا ڏئي سگهن. يوڪريني صدر پنهنجي آمريڪي ۽ ٻين اتحادين جي حمايت جو شڪريو ادا ڪيو .
جي سيون پاران يوڪرين کي 50 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ لاءِ منجمد روسي اثاثا استعمال ڪرڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار