ابوظهبي -27 مارچ (اي پي پي) ابوظهبي جو سي ورلڊ ياس ٻيٽ دنيا جي سڀ کان وڏي واٽر انڊورٿيم پارڪ طور گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق ان موقعي تي سي ورلڊياس جي جنرل مئنيجر ٿومس ڪيورلي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ د??خل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته هي ڪاميابي ان ڳالهه ??و ثبوت آهي ته ٿيم پارڪ ۾ ايندڙ هر عمر جي ??اڻهو کي بهترين تفريحي، تعليمي سهولت فراهم ڪ??ڻ سميت سامونڊي جيوت جي تحفظ بابت آگاهي پڻ ڏني ويندي آهي.گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ د??خل سي ورلڊياس ٻيٽ جو نالو دنيا جي بهترين تفريحي منصوبن ۾ نمايان هوندو جتي سڄي دنيا جا سياح آبي حيات ۽ سامونڊي خوبصورتي بابت معلومات حاصل ڪري سگهندا.ميرال گروپ جي سي اي او محمد عبدالله الزعابي ۽ سي ورلڊ ابوظهبي جي انتظاميه گنيز بڪ ۾ نالو د??خل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو. ياد رهي ته هڪ لک 83 هزار مربع ميٽرن تي پکڙيل 5 ماڙ ٿيم پارڪ جي اف??تاح کي اڃا هڪ سال مڪمل ٿيو آهي.
سي ورلڊ ابوظهبي سڀ کان وڏي واٽر پارڪ طور گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل