رام الله-09 مئي (اي پي پي) اسرائيل جي فوج غزه تي هوائي حملا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد جي 3 اهم ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 فلسطيني ش??ري ش??يد ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. حملي ۾ اسرائيلي فوج جي 40 ويڙهاڪ جهازن حصو ورتو. برطانيه جي خابرو اداري فلسطين جي صحت واري وزارت جي حوالي سان عالمي خابرو اداري ٻڌايو آهي ته ??سرائيل جي فوج اڱاري ڏينهن صبح جي سوير غزه پٽي ۾ ٿيل حملن ۾ 12 فسلطيني ش??يد ۽ 20 زخمي ٿي پيا آهن. اسلامي جهاد جي هٿياربند ونگ 3 ڪمانڊرن جي ش??ادت جي تصديق ڪندي چيو ??هي?? ته ??سان پنهنجي مشن تان هٿ نه کڻنداسين. گروپ جي ڪمانڊرن جي سڃاڻپ جهاد غنم، خليل البهطيني ۽ طارق عزالدين جي نالن سان ٿي آهي. فلسطيني پرڏيهي وزارت اسرائيل جي حملي جي مذمت ڪندي چيو ??هي?? ته ??لامتي ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جو واحد رستو ڳالهين ذريعي سياسي حل ??هي?? ٻئي طرف اسرائيل جي فوج جو چوڻ آهي ته هنن اسلامي جهاد جي 3 سينئر ڪمانڊرن کي نشانو بڻايو. حملي ۾ هٿيارن ۽ بنيادي ڍانچي جي تياري جي 10 هنڌن کي نشانو بڻايو ويو جن ۾ راڪيٽ سازي جا ورڪشاپ، سرنگون تيار ڪرڻ جا مرڪز ۽ اسلامي جهاد جو فوجي ڪمپائونڊ به شامل هئا. اسرائيل جي دفاع واري وزير يوم گيلنٽ چيو آهي ته ??يڪو به عسڪريت پسند اسرائيل جي ش??رين کي نقصان پهچائيندو ان کي پڇتائڻو پوندو. هن چيو ته ??سرائيل جي فوج جي ڳجهي اداري ش??ن بيت سان گڏجي غزه ۾ اسلامي جهاد جي قيادت کي نشانو بڻايو. واضح رهي ته گذريل هفتي اسلامي جهاد جي اڳواڻ جي اسرائيل جي حراست دوران بک هڙتال سبب فوتگي بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي.
اسرائيل فوج جا غزه تي حملا، فلسطيني تنظيم اسلامي جهاد جي 3 ڪمانڊرن، 4 ٻارن سميت 12 شهري شهيد، 20 زخمي
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا