اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت پاڪستان جي ائٽمي کان اقتصادي طاقت تائين جي سفر کي پڄاڻي تائين پهچائڻ ۽ دنيا ۾ ان کي اهم مقام ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش??ن ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن حڪومت پاران ملڪ ۾ اقتصادي استحڪام آڻڻ ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مصروفيتن جي ذريعي وڌائڻ جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته انهن ڪوششن جي نتيجي ۾ سا?? 2025ع ۽ 2026ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غيرمستقل ميمبر طور پاڪستان جي ٻن سا??ن جي مدي جي شروعات ٿي آهي. نائب وزيراعظم مختلف ملڪن سا?? اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ عالمي تقريبن ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ميزباني جو حوالو ڏيندي چيو ته حڪومت پنهنجي شروعاتي 10 مهينن دوران پاڪستان جي سفارتي رابطن کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان تاثر کي دفن ڪيو ته پاڪستان اڪيلو آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت هيٺ اتحادي حڪومت کي اٽڪل 25 سيڪڙو پاليسي ريٽ، جي ڊي پي جي سست واڌويجهه جي شرح ۽ آسمان کي ڇُهيندڙ مهانگائي جا وڏا چئلينجز ورثي ۾ مليا جڏهن ته حڪومت جي دانشمنداڻي اقتصادي پاليسين پاليسي ريٽ کي 13 سيڪڙو، ناڻي واڌ 5 سيڪڙو کان گهٽ ۽ مٽاسٽا جي ناڻي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي غيرملڪي دورن بشمول گڏيل عرب امارات، سعودي عرب، ڪويت ۽ آذربائيجان جي قيادت سا?? موثر رابطن کانپوءِ پاڪستان ۾ اٽڪل 29 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جا اشارا مليا آهن. هن نيوڪليئر انرجي سمٽ، سعودي عرب ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم، گيمبيا ۾ او آءِ سي سربراهي اجلاس، سعودي پرڏيهي وزير ۽ ايران جي صدر مرحوم ابراهيم رئيسي ۽ ان جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوران ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان موثر طريقي سا?? ڪشمير مسئلي ۽ اسرائيل پاران ??لس??نين جي جاري نسل ڪشيءَ جي مسئلي کي اٿاريو. هن چيو ته گيمبيا ۾ او آءِ سي جي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جي ڪري اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي ايلچي جي مقرري ٿي. هن چيو ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جن ??لس??ين بابت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ان مسئلي تي او آءِ سي جي فيصلي تي عملدرآمد جي ڀرپور وڪالت ڪئي، ان کانسواءِ بيگناهه ماڻهن جي خلاف اسرائيل جي ڏاڍ جي مذمت ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ??لس??يني ميڊيڪل شاگردن جي ميزباني کانسواءِ پاڪستان غزه، شام ۽ لبنان ۾ پڻ امدادي سا??ان روانو ڪيو. نائب وزيراعظم ڊي ايٽ سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري ۽ قازقستان، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جو پڻ ذڪر ڪيو. هن برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سا?? پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن بابت چيو ته برطانيا جي هڪ مانيٽرنگ ٽيم هلندڙ مهيني جنوري ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ واري آهي جيڪو برطانيا جي لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي کانپوءِ ٿي سگهي ٿو ڇو ته يورپي يونين اڳ ۾ ئي پي آءِ اي جي اڏامن تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي هڪ وزير جي غيرسنجيده بيان جي ڪري پي آءِ اي جي اڏامن تي پابندي هنئي وئي جنهن سا?? قومي فضائي ڪمپني کي 87 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي ميزباني کي تمام گهڻي پذيرائي ۽ ساراهيو ويو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ورلڊ مسلم ليگ جلد ئي اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سا?? هڪ تقريب منعقد ڪندي جنهن ۾ او آءِ سي جي 30 ميمبر ملڪن جا وزير ۽ 50 نمائندا شرڪت ڪندا. نائب وزيراعظم هن سا?? فيبروري ۾ ملائيشيا ۽ بنگلاديش جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور پنهنجي ٻن سا??ن جي مدي جي شروعات ڪ??ي آهي، پاڪستاني سفارتي پهچ کي وڌائڻ ۽ تڪرارن جي حل سميت گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪوشش??ن ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان 2018ع ۾ دهشتگردي جو خاتمو ڪيو هو پر گذريل حڪومت جي افغان سرحد کي کولڻ ۽ ڏوهارين کي آزاد ڪرڻ جي پاليسي جي ڪري دهشتگردي ٻيهر ڪَر کنيو آهي. هن چيو ته اسان افغانستان سا?? سٺا واپاري لاڳاپا چاهيون ٿا ڇو ته اهو ازبڪستان جهڙن ٻين پاڙيسري ملڪن سا?? رابطن جي راهه هموار ڪندو. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد جي لاءِ ماحول پيدا ڪري.
حڪومت پاڪستان کي دنيا اهم مقام ڏيارڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔