اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪ??ري بورڊ، نجڪ??ري ۽ مواصلات و??ري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پائيدار صنعتي ترقي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ سيڙپڪ??ري ڪندڙن کي پُرڪشش منافعو ملڻ گهرجي، جنهن سان روزگار ۾ واڌ ۽ هر شعبي ۾ ان جا مثبت اثر پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ملٽي نيشنل ڪمپني سي سي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪريم ياهي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۾ بزنس کي هٿي ڏيڻ سميت سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته 24 ڪروڙ جي آباديءَ جي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، جنهن سان ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي فائدو کڻڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ بزنس جون وڌيڪ سهولتون ڏئي رهيا آهيون، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سرمايو لڳائيندڙن کي عملي طور س??زگار ماحول ۽ پُرڪشش سهولتن جو احساس هجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هاڪ??ري قدمن سان ناڻي واڌ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي، ان سان نه صرف مستقبل ۾ ڪاروبار وڌندو پر س??لياني اؤسر و??ري شرح ۾ به بهتري ايندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ اسان کي انهن جي ڪاروب??ري رجحان کي سامهون رکڻو پوندو. هن چيو ته ترڪيه جا ڪاروب??ري ادارا دل جي ويجهو آهن انهن سان خاص تعاون کي ي??يني بڻائينداسين. هن ڪريم ياهي جي ترڪيه سان وابستگيءَ کي ساراهيندي کيس پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.
معاشي بهتريءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪندڙن کي پُرڪشش منافعو ملڻ گهرجي: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے