اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي لاءِ عالمي قدمن کي ساراهيندي پاڪستان پاران انهن قدمن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي 2024ع تي پنهنجي پيغام ۾و زي??اع??م چي?? ته اسان ڪنهن شهري جي سماجي ۽ اقتصادي حيثيت کان هٽي ڪري سڀني جي لاءِ صحت جي سارسنڀال کي پهچ جوڳو بڻائڻ کي اخلاقي طور تي پنهنجو فرض سمجهن ٿا. هن چي?? ته صحت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه اسان جي قومي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي تي ٺاهه هوندو، هي هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن کان مُنهن نٿو موڙي سگهجي. وزي??اع??م چي?? ته هلندڙ سال يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي جو موضوع ”صحت: حڪومت جي ذميواري“ آهي، ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ ته ڪنهن شخص کي پنهنجي صحت جي سارسنڀال ۽ بنيادي ضرورتن جهڙوڪ خوراڪ، رهائش يا تعليم مان ڪنهن هڪ جي چونڊ نه ڪرڻي پوي، حڪومت جي ذميواري آهي. وزي??اع??م چي?? ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت صحت سهولت پروگرام جهڙا قدم متعارف ڪرايا آهن، جنهن جي سربراهي قومي صحت ??اري وزارت ”صحت سڀني جي لاءِ“ جي عنوان سان ڪري رهي آهي. هي پروگرام جنهن کي عالمي سطح تي ڊبليو ايڇ او جهڙين تنظيمن پاران ساراهيو پيو وڃي، معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن کي ترجيح ڏيندي لکين خاندانن کي مفت صحت جي سهولت فراهم ڪري ٿو. وزي??اع??م چي?? ته حڪومت صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍان??ي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ خصوصي طور تي انتهائي ضروري زندگي بچائيندڙ دوائن تائين پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. وزي??اع??م چي?? ته پاڪستان 2030ع تائين پائيدار ترقي جي هدفن ۾ واضح ڪيل صحت بابت هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان گڏيل قومن ۽ ٻين عال??ي ادارن سان اهڙو فريم ورڪ تيار ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رکنداسين جيڪي صحت کي بطور بنيادي انساني حق ترجيح ڏين ٿا.
وزيراعظم پاران يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي لاءِ عالمي قدمن جي واکاڻ، پاڪستان پاران ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔