باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه چيڪ جي ڪمپني?? کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي باڪو ۾ عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه چيڪ جي وزيراعظم پيٽر فيالا سان ملاقات ٿي. ملاقا?? دوران وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن تي ٻڌل آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي موقعن خاص طور تي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل علائقائي ۽ عالمي چئلينج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپ?? کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ وچ ايشيا جي گيٽ وي جي طور تي صلاحيت تي پڻ روشني وڌي، چيڪ ڪمپني?? کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سلامتي ۽ پائيدار ??رقي جهڙن چئلينج?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقل ڪوششن جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي تازي دور جي اهم ترين ??سئلن مان هڪ آهي جنهن جي لاءِ گڏيل عالمي قد??ن جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي اثرن کان بچاءُ جي قد??ن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي جي اثر?? کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ، گرين انرجي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ??رقي جي هدف?? کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جمهوريه چيڪ سميت عالمي حصيدارن سان تعاون ضروري آهي.
وزيراعظم پاران جمهوريه چيڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج