اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جون مالي ضرورتون تم??م گهڻيون آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي تر??يا??ي بئنڪ (اي ڊي بي) پار??ن تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ شديد موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪي معيشت سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي، ت??ليمي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ ايشيائي تر??يا??ي بئنڪ جي ??در مسرتسوگو اساڪاوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ شريڪ هئا. ??در ايشيائي تر??يا??ي بئنڪ جي ??در کي پاڪستان کي درپيش معاشي ۽ ماحولياتي چئلينجز بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ملڪ کي تم??م گهڻو معاشي نقصان پهچايو آهي. ??در پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ايشيائي تر??يا??ي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. هن 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي ايشيائي تر??يا??ي بئنڪ جي ??در جا ٿورا مڃيا. ايشيائي تر??يا??ي بئنڪ (اي ڊي بي) جي ??در مسرتسوگو اساڪاوا چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا سنگين اثر درپيش آهن، خاص طور تي گليشيئرز تيزي سان پگهري رهيا آهن. هن چيو ته ايشيائي تر??يا??ي بئنڪ ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستان کي ساليانو 2 ارب ڊالر جي امداد فراهم ڪندي ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ آبهوا کي منهن ڏيڻ جي قدمن جي حمايت جي لاءِ بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ته هن پاڪستان ۾ معاشي بحالي ۽ استحڪام جي تازن انگن اکرن کي ساراهيو.
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جون مالي ضرورتون تمام گهڻيون آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے