اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) افغانستان بابت پاڪستان جي خصوصي نمائندي سفير آصف علي خان دراني دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي خصوصي نمائندي اجلاس ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن افغانستان جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ افغانستان جي پناهگاهن مان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد سرگرمين سان لاڳو خطري کي اجاگر ??يو. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت جي وچ ۾ پهرين جولاءِ 2024ع تي ٻطرفا اجلاس ٿيا جن ۾ ڌرين امن ۽ سلامتي سميت گڏيل ڳڻتي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام ۽ پرامن، مستحڪم ?? خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آصف علي خان دراني دهشتگردن جي پناهگاهن ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي سپورٽ نيٽ ورڪس بابت پاڪستان جي خدشن کي پڻ اجاگر ??يو. ترجمان چيو ته ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي آمريڪا، ??ين??قطر، روس، ازبڪستان، يورپي يو??ين?? برطانيا، ناروي ۽ هالينڊ جي وفدن سان لاڀائتي ملاقات ڪئي. پاڪستاني وفد پاڪستان، افغانستان، ازبڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ چار ڌريي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ افغانستان جي رستي پاڪستان کي ازبڪستان سان ڳنڍيندڙ ريلوي منصوبي جو جائزو ورتو ويو.
افغانستان بابت پاڪستان جي خصوصي نمائندي سفير آصف علي خان دراني پاران دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم