اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ب?? پناهه قدرتي وسيلا آهن جن مان صحيح طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، قيمتي ۽ ناياب پٿرن جي صنعت جي فروغ جي لاءِ ضروري قانونسازي ۽ ويليو اي??يشن جي حوالي سان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان ۾ جيمز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳا??هائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳا??هائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اڪثر علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ب?? پناهه قدرتي وسيلا آهن، جن مان صحيح طور تي فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قيمتي پٿرن ۽ ان سان تيار ٿيندڙ مصنوعات جي عالمي سرٽيفڪيشن تي ڪم ڪرڻ ۽ عالمي نمائشن ۾ پاڪستان جي نمائندگي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جيمز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جيمز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم ان حوالي سان نجي شعبي جي ضروري مشاورت ۽ صوبن سان به رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم جيمز ۽ جيولري ڊپارٽمينٽ ڪمپني کي فوري طور تي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪندي قيمتي پٿرن جي صنعت جي فروغ جي لاءِ ضروري قانونسازي جو عمل شروع ڪرڻ جي به تائيد ڪئي. هن هدايت ڪئي ته قيمتي پٿرن جي صنعت ۾ ويليو اي??يشن جي حوالي سان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. اجلاس کي پاڪستان جي جيمز اسٽونز ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قيمتي پٿرن جي حوالي سان خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ميپنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته جيمز ۽ ناياب پٿرن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.
ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن