اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا ايف بي آر ۾ سڌارن جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊز فورسز جي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. نگران وفاقي ڪابينا فيڊرل ب??رڊ آف روينيو جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن تي تفصيلي بحث ڪيو. نگران وز??راعظم ايف بي آر سڌارن جي حوالي سان پيش ڪيل انهن تجويزن جي حوالي سان ڪابينا جي ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وز??ر جي سربراهي ۾ هڪ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ نجڪاري، پرڏيهي معاملن، واپار، توانائي، قانون ۽ انصاف ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارا نگران وفاقي وز??ر شامل هوندا. ڪميٽي انهن تجويزن جي حوالي سان پنهنجون سفارشون وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪندي. ڪابينا ملڪ ۾ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي، ٽيڪس – جي ڊي پي تناسب ۾ بهتري ۽ فيڊرل ب??رڊ آف روينيو جي انتظامي ڍانچي جي حوالي سان پيش ڪيل تجويزن تي ناڻي واري نگران وفاقي وز??ر ??اڪ??ر شمشاد اختر جي ڪوششن کي ساراهيو. نگران وز??راعظم ۽ ڪابينا جي سمورن ميمبرن گڏيل طور تي انهن ايف بي آر سڌارن جي حوالي سان انهن تجويزن جي تائيد ڪئي ۽ ان موقف جو ورجاءُ ڪيو ته نگران حڪومت ايف بي آر سڌارن جي ايجنڊا کي ??ڄاڻي تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهي دستا حساس تڪن ۽ پولنگ اسٽيشنن تي فرض سرانجام ڏيندا ۽ ريپڊ ريسپانس فورس جي طور تي پڻ ڪم ڪندا. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي طاهر حسين قريشي جي ايس ايم ايس بئنڪ جي صدر طور ملازمت جي مدي ۾ ٽي مهينا يا اداري جي باضابطا بندش تائين جي توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي اسلام آباد هيلٿ ريگيوليٽري اٿارٽي جي رجسٽريشن ب??رڊ ۾ ميڊيڪل ڪاليجز جي نمائندي جي طور تي پروفيسر ??اڪ??ر انور علي شاهه، پرنسپل شفا ڪاليج آف ڊينٽسٽري، شفا عطا ملت يونيورسٽي اسلام آباد ۽ پرائيويٽ هيلٿ ڪيئر اسٽيبلشمينٽ سيڪٽر جي نمائندي جي لاءِ ??اڪ??ر درشهوار فيصل جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، قومي صحت وارو نگران وفاقي وز??ر ڪميٽي جو سربراهه هوندو. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 9 جنوري 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 9 جنوري 2024ع ۽ 17 جنوري 2024ع تي منعقد ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
نگران وفاقي ڪابينا عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊز فورسز جي دستن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil