اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن جي وڏي مقدار ۾ هُجڻ جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ موثر فيصلاسازي کي اختيار ڪرڻ لازمي ??هي. انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ ”موسمياتي بحران، ڏکڻ اي??يا جي لچڪ جي جوڙجڪ“ جي موضوع تي ريجنل ڊائيلاگ 2024ع کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ صدر چيو ته پاڪستان پاڻي، قابل تجديد توانائي جي صلاحيت ۽ ٻين وسيلن سان مالامال آهي، جيتوڻيڪ ان??ن فيصلن تي عملدرآمد ۽ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جي ضرورت ??هي. هن اڳوڻي سفارتڪارن، تعليمي ماهرن ۽ محقيقين جي اجتماع کي ٻڌايو ته پاڪستان وٽ اٽڪل 150 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي موجود آهي، جيڪو اسپري، آءِ ڊرپ اي??يگيشن جهڙي جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۽ آبپاشي جي روايتي طريقن کي تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ ان??ن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي ??هي. قومي پاڻي پاليسي ۽ ٻين لاڳاپيل قانون لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيندي هن چيو ته پراسيسنگ مڪينزم به پاڻي جي بچت جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو اٽڪل 400 ملين گيلن پاڻي سيوريج ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ڏوهه ??هي. هن مُهاڻن پاران بندش پيل ڄار جي استعمال تي پڻ روشني وڌي جنهن جي نتيجي ۾ سامونڊي جيوت جو تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته مختلف سببن جي ڪري يورپ پاڪستان کان مڇيءَ جي درآمد جي اجازت نه ڏئي رهيو ??هي. صدر هالينڊ جو مثال ڏنو جيڪو پاڪستان کان ماپي ۾ 19 ڀيرا ننڍو هجڻ ۽ پاڪستان جهڙو وڏي مقدار ۾ پاڻي دستياب نه هجڻ جي باوجود دنيا ۾ خوراڪ فراهم ڪندڙ ٻيو وڏو ملڪ ??هي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح ويٽنام به عالمي معيارن ۽ ٽيڪنيڪن کي اختيار ڪندي ماهيگيري جي برآمدات کي اٽڪل 10 بلين ڊالر ساليانو تائين پهچايو ??هي. هن چيو ته آبادگارن پاران جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ تي ڌيان ڏئي پاڪستان به دنيا کي خوراڪ فراهم ڪري سگهي ٿو. هن بهترين حڪمت عملي جي ذريعي ڪوويڊ 19 جي بحران ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته ج??ڪڏ??ن ملڪ اهڙي طرح جو مثال قائم ڪندي جيئن ان وسيع پئماني تي وڻ لڳائڻ جي ذريعي به سڃاڻپ حاصل ڪئي ته دنيا ان جي نقش قدم تي هلندي. صدر تحقيقي ڪمن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي ڪردار کي ساراهيو. جڏهن ته ان??ن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي مصنوعات جي مارڪيٽنگ ڪن ته جيئن پاليسي ساز ان مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي بي مثال ترقي ڪري رهي ??هي. جڏهن ته ??نس??ني فڪري قوت زوال پذير ??هي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جو نظام مفادن جي بنياد تي هلي رهيو آهي جنهن جو ??نس??ني قدر سڀ کان وڏو شڪار آهن. ان کان اڳ آءِ آر اي?? جي صدر ايمبيسڊر نديم رياض پنهنجي تعارفي خطاب ۾ چيو ته علائقائي ڊائيلاگ اداري جو ساليانو فليگ شپ ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪن مان سفارتڪارن، پاليسي سازن، محققين ۽ تعليمي ماهرن کي گهرايو ويو ??هي. هن وڌيڪ چيو ته انسٽيٽيوٽ کي 42 هون قومي ۽ عالمي حصيدارن جو تعاون حاصل آهي ۽ اهي پنهنجي تحقيقي ڪم ذريعي پاليسي سازن ۽ حڪمت عملي سازن کي بصيرت فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڏکڻ اي??يا موسمياتي تبديلين جي خطرن جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ ڪمزور خطو آهي جنهن سان ان جي مالياتي نظام، غذائي تحفظ ۽ توانائي کي خطرا لاحق آهن.
ملڪ ۾ موسمياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جديد زرعي ٽيڪنالاجي ۽ موثر فيصلاسازي کي اختيار ڪرڻ لازمي آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil