اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني گذريل هفتي گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکي انهن جو ڌيان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪسمير بابت تازي فيصلي جي غيرقانوني حيثيت ط??ف ڇڪرايو آهي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران پرڏ??هي وزير انهن خطن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي قانون تحت ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلا گڏيل قومن جي سالامتي ڪائونسل جي قراردادن کان هٽي نٿا ڪري ??گه?? ۽ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي جي حيثيت کي تبديل نه ٿا ڪري ??گه??. ترجمان چيو ته نگران پرڏ??هي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اها ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار بابت پنهنجي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي زور ڏي ته هو والاريل ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي سمورن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪش??يرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
نگران پرڏيهي وزير ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف گڏيل قومن، اسلامي تعاون تنظيم ۽ يورپي يونين جي قيادت کي خط لکيو آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ