اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي پاران انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ يورپين يونين جي نمائندن جي اڊيالا جيل ۾ عمرا?? خان سان ملاقات جي د??وا??ن کي رد ڪري ڇڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ان دعويٰ ۾ ذري برابر به سچائي نه آهي پر اهو هڪ سينيئر سياستدان جو ذهني فتُور آهي. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته هُو اهڙي طرح جي رپورٽس جاري ڪرڻ کان اڳ لاڳاپيل عملدارن کان تصديق ڪري وٺي.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا