اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي ??قت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن جمعيت علماءِ اسلام جي سربراه?? مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت ايندڙ چونڊن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي مولانا فضل الرحمان جي سَسُ جي لاڏاڻي تي ت??زي?? جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون وقت سر منعقد ڪرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ خود??خت??ار ادارو آهي، اسان خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ کي ??مڪن بڻائڻ چاهيون ٿا. مولانا فضل الرحمان معاشي مسئلن جي حل لاءِ نگران حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ۽ چونڊ عمل ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
نگران حڪومت آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي وقت سر منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis