اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مئنيجمينٽ ڪميٽي پاڪستا?? ڪر??يٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستا?? ڪر??يٽ بورڊ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستا?? ڪر??يٽ بورڊ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. نجم سيٺي وزيراعظم کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پاڪستا?? ڪر??يٽ بورڊ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پاڪستا?? ڪر??يٽ ٽيم جي عالمي ٽورنامينٽس ۾ شموليت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ايندڙ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ جي حوالي سان پن مشاورت ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا