اسلام آباد – 13– اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪست??ن موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت وڌائڻ لاءِ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي مسلسل حمايت جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي (آءِ آ?? سي) جي صدر ۽ سي اي او ڊيوڊ ملي بينڊ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس مل??قا?? ڪئي. پاڪستان سان آءِ آ?? سي جي قابل قدر ۽ پراڻي حصيداري کي ساراهيندي وزيراعظم گذريل سال تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران آءِ آ?? سي جي وقت سر مدد کي ساراهيو. هن صدر آءِ آ?? سي کي ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪست??ن موسمياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۾ آءِ آ?? سي جي مسلسل حمايت جو منتظر آهي. هن ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل اسڪولن ۽ اسپتالن جي نئين سر تعمير ۽ مرمت جي لاءِ آءِ آ?? سي جي اڻٿڪ مدد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ڊيوڊ ملي بينڊ گذريل سال جي تباهي آنيندڙ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وقت سر قدم کڻڻ تي پاڪستان حڪومت جي عزم ۽ لڳن کي ساراهيو. هن آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي انتظام ۾ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي آءِ آ?? سي جي خواهش جو پڻ ورجاءُ ڪيو. مل??قا?? ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جا خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، سيد طارق فاطمي، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عملدار موجود هئا.
پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت وڌائڻ لاءِ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي مسلسل حمايت جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔